اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڊجيٽل نظام سان ضروري شين جي قيمتن جي نگراني ڪرڻ ۽ ضلعي انتظاميه جي ڪارڪردگي جانچڻ ۾ مدد ملندي، ان نظام سان فيصلي سازي جي ??مل ۾ شفافيت جو عنصر نمايان ٿيندو، حڪومت ڪورونا وبا جي ??وران غريب ۽ مزدور طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ تي مسلسل ڌيان ڏنو، پوري دنيا اسان جي قدمن کي ساراهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان شماريات بيورو طرفان ناڻي واڌ جي ??رح کي نظر ۾ رکندي فيصلا سازي جي نظام ۽ ڪورونا وبا جي ??ماجي ۽ معاشي اثرن تي بريفنگ جي ??لسلي ۾ منعقد اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، م??صو??ابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.