اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته سينيٽر اورنگزيب خان اورڪزئي پارٽي جو اثاثو آهي، وزيراعظم عمران خان جي فيصلي کي فراخدلي ۽ جذبي سان قبول ڪندي اورنگزيب خان سينيٽ ۾ پارٽي ٽڪيٽ تان دستب??دا?? ٿي ويو آهي، سندس خدمتن مان پارٽي آئنده به فائدو حاصل ڪندي. هو سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ ريلوي وارو وفاقي وزير اعظم سواتي سينيٽر اورنگزيب خان جي رهائشگاهه جو دورو ڪيو ان موقعي تي سينيٽر سجاد حسين، سينيٽر مرزا آفريدي، نصيب الله بازئي به ساڻس گڏ هئا، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو ته سينيٽر اورنگزيب خان جو تعلق اڳوڻي فاٽا سان آهي، هن جنهن جذبي ۽ فراخدلي سان وزيراعظم عمران خان جو فيصلو مڃيو آهي اهو واکاڻ جوڳو آهي، اسان سندس ٿورو ادا ڪرڻ آيا آهيون، هو آئينده به اسان سان گڏ رهندو. هن ??يو ته سينيٽر اورنگزيب خان جي پارٽي جي لاءِ ڪيتريون ئي خدمتون آهن ۽ اڄ به هو انهي ط??ح جي خدمتن سان ڀرپور آهي جهڙي ط??ح پهرين پارليامينٽ ۾ پي ٽي آءِ جو موقف پيش ڪندو رهيو آهي.