اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين چونڊيل ايراني صدر سيد ابراهيم رئيسي کي مبارڪبا?? ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ڀائراڻا ل??ڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي نئين چونڊيل ايراني صدر جي نالي مبارڪباد جو خط موڪليو آهي. صدر نئين چونڊيل صدر ۽ ايراني عوام کي صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته ايراني عوام امن، استحڪام ?? خوشحالي جي لاءِ توهان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو، اميد آهي ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا ل??ڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.