اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مجاهد ڪشمير سيد علي گيلاني جو ل??ڏاڻو اسلامي امت ۽ خاص طور تي ڪشمير جي عوام لاءِ سانحي کان گهٽ نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ جمعي ڏينهن فيصل مسجد ۾ جمعي نماز کانپوءِ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنا??ي نماز ادا ڪئي ويندي، شرڪت جي گذارش آهي.