اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? اسد قيصر چ??و آهي ته اسان کي افغانستان جي موجوده صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي مفاد لاءِ جتي به ضرورت پئي ته قانونسازي ڪنداسين، هو موسمياتي تبديلي بابت ڪميٽي جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي اس??يڪ?? اسد قيصر چ??و ته پارليامينٽ جو ڪم صحيح معنيٰ ۾ عوام جي ئي نمائندگي ڪرڻ آهي، عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ جتي به ضرورت پئي قانونسازي ڪنداسين، هن چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، اسان زراعت جي ڪميٽي ۾ آبادگارن، سائنسدانن ۽ ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، موجوده اسيمبلي اهم قانونسازي ڪئي آهي، هن وقت تائين 94 بل منظور ٿي چڪا آهن ?? 200 کان وڌيڪ بل ڪميٽين ۾ غور هيٺ آهن، اهڙي طرح نجي ميمبرن جا 16 بل به منظور ٿي چڪا آهن، قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? چيو ته موجوده پارليامينٽ محروم طبقي جي حوالي سان قدم کنيا آهن، خصوصي ماڻهن جي حوالي سان به قانونسازي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته اسان کي افغانستان جي صورتحال تي انساني همدردي تحت ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. افغانستان جي ماڻهن کي خوراڪ جي فراهمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. افغانستان جي صورتحال تي پارليامينٽ جي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته خيبرپخ??ون??وا صوبي جي قبائلي ضلعن (اڳوڻي فاٽا) جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا آهن انهن تي عملدرآمد جي حوالي سان پارليامينٽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.