اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پيپلزپارٽي جي اڪ??ئونٽس تائين پهچ لاءِ منهنجي درخواست منظور ڪري ورتي آهي، هاڻي پي ٽي آءِ جا فنانشنل ايڪسپرٽ ۽ چارٽرڊ اڪ??ئونٽنٽ ٻئي سياسي پارٽ??ن جي اڪ??ئونٽس جي جاچ پڙتال ڪري سگهندا ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ انڪشاف ٿيندا، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي پارٽي اڪ??ئونٽس تائين پهچ جي شديد ترين مخالفت ڪئي هئي، اڄ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي شڪست ٿي آهي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران اسڪروٽني ڪميٽي ۾ جمع ڪرايل رڪارڊ موجب ن ليگ جا 12 ۽ پيپلزپارٽي جا 7 اڪ??ئونٽس آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندي آئي آهي پر هاڻي انهن کي قانون جي تابع ٿيڻو پوندو. هو اليڪشن ڪميشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پنهنجي اڪ??ئونٽس ۾ ڪروڙين روپ??ن جا جمع ڪرائيندڙ ڪير آهن، جڏهن چيڪ ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته اهي اڪ??ئونٽس پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جا آهن، چارٽرڊ اڪ??ئونٽ فرم ۽ اسان سان ن ليگ پنهنجا اڪ??ئونٽ لڪائڻ چاهي ٿي، ن ليگ مافيا کان پنهنجي مفادن لاءِ پئسو وٺندي آهي، هن چيو ته بلاول ڀٽو کي هاڻي معلوم ٿيندو ته ان جي پارٽي جا ڪيترا جعلي اڪ??ئونٽس آهن. هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي التوا جي پويان لڪندا آهن، نواز شريف جا اڪ??ئونٽس مني لانڊرنگ لاءِ به استعمال ٿيا، اسان سڀئي حقيقتون قوم جي سامهون رکنداسين، هن چيو ته مخالف ڌر جا پارٽي اڪ??ئونٽس مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ٿيا، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ چئن سالن کان اڪ??ئونٽس جا تفصيل ڏيڻ کان ڀڄي رهي هئي، پيپلزپارٽي ن ليگ وٽ ڪو به رڪارڊ نه آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي اڪ??ئونٽس جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي،. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ موجب پيپلزپارٽي جا 7 ۽ ن ليگ جا 12 اڪ??ئونٽس آهن، ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سدائين پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهيو آهي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ انهي کاهي ۾ ڪري پيا جتان اسان کي ڪيرائڻ چاهين پيا، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪ??ئونٽس تائين پهچ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي پارٽي اڪ??ئونٽس تائين پهچ جي شديد مخالفت ڪئي هئي، اڄ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي شڪست ٿي آهي، هن چيو ته بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو هو ته نواز شريف منهنجي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ اسامه بن لادن کان پئسا ورتا هئا، بلاول ڀٽو کي هاڻي خبر پوندي ته سندس پارٽي جا ڪيترا جعلي اڪ??ئونٽس آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته ماضي ۾ جهڙي طرح پي ٽي آءِ جي اڪ??ئونٽس تائين پهچ ڏني وئي هئي، اهڙي طرح پي ٽي آءِ کي به مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي اڪ??ئونٽس ۾ غير ملڪي فنڊنگ جي جاچ لاءِ اجازت ڏني وڃي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته انهن پارٽين کي پئسو ڪٿان کان مليو ۽ ڪٿي خرچ ٿيو، اسان کي خدشو آهي ته ٻنهي پارٽين پنهنجي پارٽي اڪ??ئونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو، هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران اسڪروٽني ڪميٽي ۾ جمع ڪرايل رڪارڊ موجب ن ليگ جا 12 ۽ پيپلزپارٽي جا 7 اڪ??ئونٽس آهن، هاڻي جڏهن ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪ??ئونٽس جي جاچ پڙتال لاءِ منهنجي درخواست منظور ٿيندي ان حوالي سان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڌيڪ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيندا. ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا آهن پر هاڻي انهن کي قانون جي تابع ٿيڻو پوندو.