اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ??اءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پ??ران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي بلوچستان پيڪيج تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان جي ترقي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت بلوچستان لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو. هن چيو ته بلوچستان جي افرادي قوت ملڪ جو اصل ثاثو آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ??اءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.