ڪوٽڙي – 11 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته موجوده حڪومت واپاري برادري کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان انيڪ قدم کنيا آهن ۽ انهن قدمن سان ملڪ اندر واپار ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي، ڪورونا جي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان جي ??ڪمل لاڪ ڊائون نه ڪرڻ سان ملڪ وڏي معاشي تباهي کان بچي ويو، ان قدم کي دنيا اندر ساراهيو ويو ۽ دنيا ۾ پڻ انهن قدمن جيان عمل ڪيو ويو. اهڙو اظهار هن ڄامشورو چي??بر آف ڪامرس اينڊسٽري پاران ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چي?? ته وزيراعظم عمران خان دنيا جو پهريون وزيراعظم هو جنهن مڪمل لاڪ ڊائون جي ??خالفت ڪندي ان کان پاسو ڪيو جنهن جا هاڪاري نتيجا نڪتا ۽ پاڪستان هڪ وڏي معاشي بحران کان بچي ويو جنهن جو اعتراف سموري دنيا پڻ ڪيو وزيراعظم جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي ويندي، هن چي?? ته واپاري برادري ملڪ جي ڪرنگهي جي ??ڏي واري حيثيت رکي ٿي، موجوده حڪومت واپاري برادري کي سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آ??ي. هن چي?? ته موجوده دور جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي ۽ ملڪ ۾ ٻين انڊسٽريز سان گڏ انفارميشن ٽيڪنالاجي ??اري شعبي تي پڻ ڌيان ڏنو پيو وڃي. ان حوالي سان واپاري برادري ۽ انڊسٽري مالڪ پڻ ان شعبي ڏانهن ڌيان ڏين. حڪومتي قدمن سبب ان شعبي کي هٿي ملي رهي آ??ي ۽ ڪجهه سالن اندر اها ملڪ جي سڀ کان وڏي انڊسٽري طور سامهون ايندي اسان سڀني کي چئون ٿا ته آءِ ٽي انجنيئر پيدا ڪريو جڏهن ته اسان ان حوالي سان هر مهيني لاڳاپيل کاتن سان گڏجاڻيون پڻ منعقد ڪري رهيا آهيون اوهان پڻ ٻئي بزنس سان گڏ آءِ ٽي جي ??يدان اڳيان اچو ۽ ان حوالي سان اسٽڊي گروپ سميت سمورا وسيلا ڪتب آڻيو، دنيا ۾ آءِ ٽي انجنيئر جي ??ڏي ضرورت آهي ۽ ان شعبي جو معيار آهي ان ڏانهن ترجيحي بنيادن تي ڌيان ڏنو وڃي. هن چي?? ته مهانگائي هڪ آزمائش آهي دنيا ۾ تيل سميت ٻين شين جي اگهن ۾ واڌ جي ڪري پاڪستان پڻ ان آزمائش مان گذري رهيو آهي، صدر مملڪت چي?? ته ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائي پئي وڃي ۽ هاڻ پاڪستان هڪ بهترين سياحتي ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي. هن چي?? ته ملڪن جي ترقي، پيداوار ۽ جي ڊي پي ۾ سمال انڊسٽريز جو اهم ڪردار آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت ننڍا ننڍا قرض فراهم ڪري رهي آ??ي ۽ ڪامياب نوجوان پروگرام سميت ٻيا اهڙا پروگرام ڪاميابي سان جاري آ??ن اوهان نوجوانن ۽ عورتن ۾ شعور پيدا ڪريو ته اهي گهريلو ۽ ننڍين صنعتن جي حوالي سان ان مان فائدو حاصل ڪن. هن چي?? ته ڪيترائي اهڙا شعبا آهن جن کي اسان وساري ويٺا آهيون اسان کي انهن تي به ڌيان ڏيڻو پوندو هن واپاري برادري ڏانهن مخاطب ٿيندي چي?? ته پنهنجين فيڪٽرين ۾ ٻين سان گڏ ڪنهن به معذري جي ??ر چڙهيل معاشري جي ??خصوص ماڻهن کي به روزگار فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي به معاشري جا ڪارآمد شهري ثابت ٿي پنهنجي ڪٽنبن جو پيٽ پالي سگهن. صدر مملڪت چي?? ته موجوده حڪومت واپارين کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آ??ي ۽ بجيٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ايمازون جي 50 ساٿري گروپن سان گڏجاڻي پڻ ڪئي وئي، هن چي?? ته دنيا اندر پاڪستان برانڊ پيدا ڪريو جنهن جي دنيا ۾ ضرورت آهي ۽ اهو اهڙو ته معياري هجي جو دنيا ان جي ??اکاڻ ڪرڻ کان رهي نه سگهي. هن چي?? ته ايزي گوئنگ ايڪسپورٽ بزنس جي ضرورت آهي جتي به ضرورت پئي ته اسين اوهان سان گڏ هونداسين. هن چي?? ته ٽيڪس جي حوالي سان ملڪ 70 سالن کان پريشان آهي واپاري برادري چوي ٿي ته اسين ٽيڪس ڏيون ٿا پر جڏهن ٽجوڙي ڏسون ٿا ته خالي آ??ي هن واپاري برادري کي چي?? ته سنڌ جو گورنر پڻ واپاري گهراڻي سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جا دروازا اوهان لاءِ کليل آهن اوهان ان سان رابطي ۾ رهو. هن چي?? ته اسان خوشحال ملڪ جا رهواسي آ??يون جيڪي خيرات ۾ هڙان وڙان ڏيون ڇڏيون جڏهن ته پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ انساني مدد واري ڪيفيت ئي ناهي. هن واپاري برادري کي چي?? ته اسين اوهان جي ??دد ڪنداسين اوهان اسان جي ??دد ڪجو. ان موقعي تي صدر مملڪت ڄامشورو چي??بر آف ڪامرس اينڊسٽري جي عهديدارن جي ??طالبي تي کين فائر ٽينڊر ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چي?? ته پي ٽي آءِ جي حڪومت هميشه واپاري برادري جي سپورٽ ڪئي آ??ي ملڪي ترقي جو دارو مدار پيداوار تي آ??ي ڪورونا جي صورتحال دوران جيترو اهو شعبو متاثر ٿيو اوترو گذريل 30 سالن ۾ نه ٿيو جڏهن ته ان سان گڏو گڏ سمورا شعبا پڻ تمام گهڻا متاثر ٿيا پر حڪومت جي بهتر پاليسين سبب اسين بچاءُ ۾ رهياسين، هن چي?? ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪوشش هوندي ته اوهان کي اڃا به وڌ رليف ڏنو وڃي. هن چي?? ته ڏکين حالتن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ۽ انهن سخت شرطن تي پڻ عمل ڪرڻو پئجي رهيو آهي. هن چي?? ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته ايف اي ٽي ايف واري معاملي تي پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍايو وڃي، هن چي?? ته صدر پاڪستان جي ??دايتن تي فائر ٽينڊر جي حوالي سان ڳالهيون طئه ڪري وٺنداسين ۽ ايم نائن جي حوالي سان اوهان جي ??يشنل هاءِ وي اٿارٽيز سان هڪ گڏجاڻي رکرايون ٿا. هن چي?? ته سکر حيدرآباد موٽر وي تي تمام جلد ڪم شروع ٿيڻ واري آ??ي، ان موقعي تي ڄامشورو چي??بر آف ڪامرس اينڊسٽري جي صدر خليل احمد بلوچ، پيٽرن ان چي?? ميان توقير طارق ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ حليم عادل شيخ، پير زمان شاه جيلاني، ميان سمير الدين، فرخ جميل، قمر ضياءُ الرحمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.