اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو جي وال??ين ۽ معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وزيراعظم مدثر نارو جي وال??ين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، اٽارني جنرل خا??د جاويد خان ۽ گهرو سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ان سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو جي وال??ين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪ??ون، مدثر نارو جي وال??ين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.