اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آسٽريليا جي اڳوڻي اسپنر شين وارن جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ??يو ته ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ آنجهاني جينيئس ليگ اسپنر جنهن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو، جي کوٽ محسوس ٿيندي. وزيراعظم ??يو ته ڪرڪيٽر شين وارن جي اوچتو لاڏاڻي سان کيس صدمو پهتو آهي. شين وارن هڪ جينيئس بائولر هو ۽ هن ليگ اسپننگ جي آرٽ کي نئين بلندين تائين پهچايو. ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ سندس کوٽ محسوس ٿيندي. 52 سالا شين وارن هڪ ڏينهن اڳ ٿائيلينڊ جي علائق?? ڪوهه سموئي ۾ جتي هو موڪلون ملهائي رهيو هو، دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو. آنجهاني ون ڊي مئچن ۾ 293 ۽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 708 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون جيڪي ليگ اسپننگ جي موجوده فارميٽ ۾ سڀ ک??ن وڌيڪ آهن. هن ٽيست ڪرڪيٽ جي شروعات 1992ع ۾ ڀارت جي خلاف ڪ??ي هئي.