اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيام پاڪس??ان جي تاريخي تحريڪ جي مختلف رخن بابت اطلاعات جي مختلف ذريعن سان نوجوان نسل ۾ ٺوس آگاهي پيدا ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آ??ي. هو ايوان صدر ۾ 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي حوالي سان ”لوگو“ جي نقاب ڪشائي کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي موقعي تي ”لوگو“ جي رونمائي ۽ ٻين تيارين تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ سندس وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته ”لوگو“ پاڪس??ان جي تاريخ ۽ گذريل 75 سالن ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين جي ياد تازي ڪندو. هن چيو ته پاڪس??ان جي عوام مشڪل وقت برداشت ڪيو پر هاڻي گذريل ڪجهه سالن ۾ ملڪ مختلف شعبن ۾ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. صدر چيو ته ڀارت پاران مسلمان مخالف پاليسين، نسل ڪشي ۽ ڀارت ۾ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ سلوڪ سان ٻه قومي نظريي جي توثيق ٿي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي ليکڪ خوشونت سنگهه پنهنجي ڪتاب ۾ اقليتن کي نشانو بڻائيندڙ طالماڻي پاليسين جي نتيجي ۾ ڀارت جي ??با??ي جي اڳڪٿي ڪري چڪو آ??ي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال هندو قيادت جي لڪل ارادن کي جانچي پنهنجون راهون جدا ڪري ڇڏيون هيون، ملڪ جي نوجوان نسل کي آزادي جي تحريڪ جي مختلف اڻ چيل واقعن کان آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪس??ان جمهوري طريقي سان ٺهيو، نئين ٺهيل ملڪ جي خلاف سازشون ڪيون ويون ۽ هڪ منصوبي تحت گورداسپور جي ذريعي ڀارت کي ڪشمير تائين پهچ ڏني وئي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ ۽ هند جي مسلمانن جدا ملڪ قائم ??رڻ جي جدوجهد ۾ مصيبتن کي منهن ڏنو ۽ عظيم قربانيون ڏنيون. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسئلي جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته پاڪس??ان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڪشمير جي حل جو خواهشمند آهي ۽ ڪشمير مسئلي جي حل تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته ملڪ صحيح رستي تي گامزن آهي ۽ عوام کي انهن عملن کان پوري طرح آگاهه ??رڻ گهرجي ته جيئن اهي وڌيڪ اعتماد حاصل ڪري سگهن، پاڪس??ان جلد ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيندو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ٻين وزارتن سان گڏجي ملڪ جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ٺوس پروگرام جوڙيا آهن. هن چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير، يورپي يونين جي ملڪن جا پرڏيهي نمائندا ۽ سفير 23 مارچ جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. وفاقي وزير چيو ته ”لوگو“ جاري ??رڻ پاڪس??ان جي تاريخ، اهم واقعن، ڪاميابين ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ مختلف شخصيتن جي نمايان خدمتن کي اجاگر ??رڻ جي لاءِ انهن تيارين جو حصو آ??ي. تقريب ۾ اطلاعات واري وزارت، لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ ميڊيا جي ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.