اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن، ان کي جلد تمام وڏ?? سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، 27 مارچ جو جلسو تار??خي هوندو، ڪنهن به صورت ۾ اس??عيفيٰ نه ڏيندس، بي اعتمادي واري مئچ اس??ن کٽينداسين، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوج نه هجي ته ملڪ 3 حصن ۾ ورهائجي وڃي، پاڪ فوج ملڪ جو سڀ کان قيمتي اثاثو آهي، فوج کي غلط تنقيد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، مضبوط فوج ملڪ جي ضرورت آهي، سياست جي لاءِ فوج کي بدنام نه ڪيو وڃي. هن چيو ته فضل الرحمان سياست جو 12 هون رانديگر آهي، فضل الرحمان جو هاڻي ٽيم کان ٻاهر ٿيڻ جو وقت ٿي ويو آهي. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي سياست چوري ۽ چوري لڪائڻ آهي، اها ڪنهن جي غلط فهمي ٿي سگهي ٿي ته آئُون گهر ويهي رهندس، ڪنهن به صورت ۾ اس??عيفيٰ نه ڏيندس، ڇا چورن جي دٻاءُ تي اس??عيفيٰ ڏئي ڇڏيان. هن چيو ته چوڌر?? نثار سان ملاقات ٿي آهي، ان سان 40 سال پراڻو تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته ويڙهه کان اڳ هٿ کڻي ڇڏيان، بي اعتمادي واري مئچ اس??ن کٽينداسين، مخالف ڌر پنهنجا سمورا ڪارڊ شو ڪري ڇڏيا، مخالف ڌر کي تمام وڏ?? سرپرائز ڏيڻ وارو آهيان، انهن کي پاڻ خبر نه آهي ته انهن سان انهن جا ڪيترا ماڻهو رهجي ويندا. هن چيو ته 27 مارچ جو جسلو تار??خي هوندو.