اسلام آباد ??? 23 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي چيو آهي ته ڪوويڊ 19 جي لاءِ سمورن صوبن کي سامان جي ڇ??ين کيپ جي پهچ مڪمل ٿي وئي، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان کي سامان موڪليو ويو. اين ڊي ايم اي جي ترجمان موجب سنڌ کي 52 هزار 500، آزاد ڪشمير کي 5 هزار 250 ۽ گلگت بلتستان کي 8 هزار 750 اين 95 ماسڪ موڪليا ويا. اين ڊي ايم اي جي ترجمان ٻڌايو ته 63 هزار پروٽيڪٽو سوٽ سنڌ، 6 هزار 300 آزاد ڪشمير ۽ 10 هزار 500 سوٽ گلگت بلتستان جي سامان ۾ شامل آهن. ان کانسواءِ فيس ماسڪ ۽ شيلڊز پڻ سامان ۾ شامل آهن.