اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل اي??دڙ م??لي سال 21 -2020ع لاءِ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح جي هدفن، شعبي جاتي ترقي جي ڪاٿي ۽ تجويز ڪيل سالياني پلان لاءِ ميڪرو ??ڪن??مڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ هل??دڙ سال 20 -2019ع جي دوران ملڪي معيشت جي صورتحال ۽ م??لي سال 21 -2020ع لاءِ جائزو غور هيٺ آندو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڀرپور ڪوششن کانپوءِ معيشت ۾ واڌ ويجهه ممڪن ٿي تنهن هوندي به ڪورونا وبا جي ڪري اها بري طرح متاثر ٿي آهي، اجلاس ۾ حڪومت طرفان معيشت جي بح??لي ۽ خاص طور تي لاڪ ڊائون جي اثرن سان معاشري جي غريب طبقن کي محفوط ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو ويو، اجلاس ۾ اي??دڙ م??لي سال 21 -2020ع جي دوران جي ڊي پي جي گروٿ جي هدفن سان گڏوگڏ زراعت، صنعت ۽ خدمتن جي شعبن لاءِ شعبه جاتي واڌ جي ڪاٿن جي به منظوري ڏني وئي، قومي اقتصادي ڪائونسل تجويز ڪيل سالياني پلان سال 21 -2020ع لاءِ ميڪرو ??ڪن??مڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏني، اجلاس ۾ هل??دڙ م??لي سال 20 -2019ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ اي??دڙ م??لي سال 21 -2020ع لاءِ تجويز ڪيل ترقياتي جائزو به غور هيٺ آندو ويو.