اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو ا??هار پاڪستان تحريڪ ??نصاف سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ ميمبرن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ پاڪستان تحريڪ ??نصاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.