اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي بد??ان ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي سان نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پا??ان سفارشن جي منظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ڪرائڻ جي ??اء?? اوپن بيلٽ اليڪشن جي ??اء?? ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ ۾ ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ ڦاسي چڪي آهي، وراثتي ليڊرز هر غلط ڪم جا سرپرست آهن، لاهور قبضا معاملو واضح ثبوت آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ??بل?? فراز وزيراعظم عم??ان خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڄ ڪيترائي اهم موضوع بحث هيٺ آندا ويا. اداراجاتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار پا??ان وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ڪفايت شعاري ۽ نئين سر جوڙجڪ بابت ٽ??سڪ فورس پا??ان وزارتن ?? ڊويزنن ۾ 70 هزار خالي جايون ختم ڪرڻ، وفاقي حڪومت جي ادارن جو انگ 441 مان گهٽ ڪري 324 تائين رکڻ جي حوالي سان اداراجاتي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.