اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تح??يڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پنهنجي مفادن جي خاطر تح??يڪ هلائي رهيُون هُيون، مخالف ڌر پنهنجي ڄار ۾ پاڻ ئي ڦاٿي آهي، اسان پنهنجي ڪارڪردگي تي ڌيان ڏينداسين، قانونسازي، سڌارن تي اسان جو ڌيان هوندو، مهانگائي تي جلد ضابطو آڻيندسين، ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، ڪنهن سان انتقامي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پاڪستان تح??يڪ انصاف پنهنجا فيصلا اصولن جي بنياد تي ڪندي آهي، اسان پنهنجي سياسي فائدي يا نقصان جي بنياد تي فيصلا ناهيون ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چ??نل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر جي تح??يڪ ۾ نه ته ڪا جان آهي ۽ نه ئي ان جو ڪوئي ??قصد آهي، اهي صرف پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ گڏ بيٺل آهن. هاڻي مخالف ڌر جو اتحاد بي نقاب ٿي چڪو آهي. هن چيو ته مخالف ڌر ملڪ ۾ هڪ قسم جو انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ??ئي، جنهن جي ڪري اسان پنهنجي ڪوششن ۽ ڪاميابين کي عوام جي سامهون نه آڻي سگهياسين. اها اسان جي لاءِ هڪ وڏي تبديلي آهي، جنهن ۾ اسان شور شرابي ۽ منفي سياست کان جان ڇڏائي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ، مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ، قانون سازي ۽ عوام جي خدمت تي پنهنجو ڌيان ڏينداسين.