اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي ??رٽيڪل 89 تحت تحفظ والدين آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏي??. آ??ڊيننس جو مقصد ٻارن پا??ان والدين کي زبردستي گهرن مان ڪڍڻ جي ??لاف تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ ??اران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت والدين کي گهرن مان ڪڍڻ قابل سزا ڏوهه هوندو. والدين کي گهرن مان ڪڍڻ تي هڪ سال تائين قيد، ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏنيون وينديون. گهر ٻارن جي ملڪيت هجڻ يا ڪرائي تي هجڻ جي ??ورت ۾ به والدين کي نه ٿو ڪڍي سگهجي. گهر والدين جي ملڪيت هجڻ جي ??ورت ۾ والدين کي ٻارن کي گهر مان ڪڍڻ جو اختيار هوندو.