اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستا?? جي عوام جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستا?? جي وڏي وزي خا??د خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وڏي وزير وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن بشمول شندور روڊ، 20 ميگاواٽ هنزل پن بجلي منصوبي، تته پاني ۽ اسڪردو روڊ تي ڪم جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گلگت بلتستان ۾ سياحت ج?? فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي.