اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور ڪريم ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور مذهبي اسڪالر مولانا طارق ??مي?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي رحمت اللعالمين اٿارٽي جي تجويز ڪيل ڪردار بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها اٿارٽي اسان جي پياري نبي حضرت محمد ﷺ جي قائم ڪيل مديني جي رياست جي بنيادي قدرن ۽ سيرت النبي صه ﷺ جي شاندار تعليمات جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته اسان قوم جي حيثيت سان صرف حضور صلي الله عليه ??سلم جي تعليمات تي عمل ڪري ئي ترقي ڪري سگهون ٿا. مولانا طارق ??مي?? مديني جي رياست جي فلاحي ماڊل کي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ ??عليمات نبوي صلي الله عليه ??سلم جي روشني ۾ نوجوانن جي ڪردار سازي تي زور ڏيڻ جي لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو.