اسلام آباد ??? 10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملا??ات ڪئي جنهن ۾ قانون سازي، قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملا??ات ۾ طئي ٿيو ته فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ التوا ۾ پيل بلن جي جلد منظوري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. اسپيڪر چيو ته قومي اسيمبلي عوامي مسئلن جي حل ۽ ڀلائي ۽ ترقي جي لاءِ پن??نج?? آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئين ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي عوامي اميدن تي پورو لهڻ لاءِ پن??نج?? ڪردار ادا ڪندي.