اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪش??ير مسئلو اسان جي پ??ڏي??ي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو، پاڪستان هٿين خالي ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو، ڪش??يري عوام اڄ به عالمي انصاف جي منتظر آهي. پ??ڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پنج فيبروري يوم يڪجهتي ڪش??ير جي حوالي سان اهم پيغام ۾ چيو ته 5 فيبروري تي هن سال به اسان پنهنجي ڪش??يري ڀائرن سان گڏ ڀرپور انداز ۾ يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين. هن چيو ته 1990ع ۾ جڏهن هٿين خالي ڪش??يرين تي طلم ۽ ب??بر??ت جا پهاڙ ڪيرايا ويا ته پاڪستان عالمي برادري کي باور ڪرايو ته ڪش??ير مسئلي جي حوالي سان توهان پاڪستان ۽ ڪش??يرين سان هڪ واعدو ڪيو هو، جيڪو اڃان تائين وفا نه ٿي سگهيو، والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ عالمي سطح تي هڪ تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جون ڪيتريون ئي قراردادون ان حوالي سان موجود آهن. ڪش??يرين سان واعدو ڪيو ويو هو ته گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ انهن کي فيصلي جو اختيار ڏنو ويندو ۽ انهن جي راءِ جو احترام ڪيو ويندو. شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ 90ع جي تاريخ اڄ وري ورجائي پئي وڃي، هٿين خالي ڪش??يرين کي سرچ اينڊ ڪوارڊن آپريشن جو نشانو بڻايو پيو وڃي کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو پيو وڃي، معصوم ڪش??يرين، عورتن، ٻارن کي بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان پنج فيبروري تي يڪجهتي جي اظهار جي ذريعي مظلوم ڪش??يرين کي اهو يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته اسان انهن سان گڏ انهن جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهيون . پاڪستان هٿين خالي ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو،. هن چيو ته ڪش??ير مسئلو اسان جي پ??ڏي??ي پاليسي جو اهم ٿنڀ هو، آهي ۽ رهندو. اسان مظلوم ڪش??يرين تي ڪيل ظلمن ۽ انهن جي بنيادي حقن جي پائمالين جي خلاف آواز بلند ڪندا رهنداسين ۽ عالمي ضمير کي جنجهوڙيندا رهنداسين، شاهه محمود قريشي چيو ته ڪش??يري نه اڪيلا هئا ۽ نه ئي اڪيلا آهن، 5 فيبروري تي انشاءُ الله پوري قوم مظلوم ڪش??يرين سان گڏ يڪجهتي جو اظهار ڪندي.