اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان کي 2026 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊيو ويو آهي، پاڪستان کي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊن ۾ زبردست حمايت حاصل ٿي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سمورن ميمبرن جي پاڪستان تي اعتماد ڪرڻ ۽ ان کي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊڻ تي ٿورائتا آهيون، ڪائونسل جي لاءِ پاڪستان جي بطور اميدوار توثيق ڪرڻ تي اسان ايشيا پيسفڪ گروپ جي ميمبرن جا پڻ ٿورائتا آهيون. بيان ??وجب غيرمستقل ميمبر جي طور تي اٺون ڀيرو چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاءِ هڪ ڀرپور تجربي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي لاءِ حصيداري جي مضبوط ميراث کڻي آيو آهي جنهن جو اظهار گڏيل قومن جي مقصدن ۽ اص??لن سميت چارٽر سان دن??ا جي ڪيترن ئي خطن ۾ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سختي سان عمل پيرا ٿيڻ سان ??ئي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ??نهنجي ايندڙ مدي ۾ حل طلب ۽ جاري تڪرارن جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پرعزم رهندو ۽ هو هڪطرفي ۽ غيرقانوني طاقت جي استعمال يا طاقت جي استعمال جي ڌمڪي جا حربا، هر قسم جي دهشتگردي جي مقابلي، گڏيل قومن جي موثر امن قائم ڪرڻ جي حمايت، امن لاڳو ڪرڻ ۽ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت سميت علائقائي ۽ عالمي بحرانن جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٻين ميمبرن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ ۽ جنگ جي ر??ڪٿ??م ۽ امن کي فروغ ڏيڻ جي ويزن تي عمل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي وسيع تر ميمبرشپ سان عالمي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۽ انساني حقن جي عالمي احترام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.