اسلام آباد – 02 نومبر (اي پي پي) حڪومت پاران ڳالهين لاءِ ٽيم جي سربراهه پرويز خٽڪ چي?? آهي ته مخالف ڌر اڳواڻ جمهوريت نه ٿا چاهين پر زبردستي حڪومت ڪيرائڻ چاهين ٿا، هڪ طرف ڳالهين ۽ ٻئي طرف ڪاهه ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، وزيراعظم جي استعيفيٰ تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي، ان بابت ڪير سوچي به نه، مولانا فضل الرحمان جي بيان تي عدالت سان رجوع ڪنداسين ان حوالي سان اسان جو ڪيس تيار ٿي رهي?? آهي، مخالف ڌر جي لاءِ اسان جا دروازا اڃا به ک??يل آهن، ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون پر جيڪڏهن ڪجهه غلط ٿي?? ته سڀ ذميواري مخالف ڌر تي هوندي، چونڊن ۾ جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي ته لاڳاپيل ادارن سان رجوع ڪيو وڃي. اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چي?? ته اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن تي متفقه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.