واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ??رزين کي اجاگر ڪندي آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪل پومپيو سان ڳالهه ٻولهه دوران خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بنيادي تڪرار ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو آهي. آمريڪا ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران هتي مل??دڙ پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري سان هتي ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو.