اسلام آباد – 26 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم?? تي زور ڏنو آهي ته هو ماڻهن کي گهر جي اندر رهڻ ۽ گهر ۾ نماز پڙهڻ با??ت مشورو ۽ آگاهي فراهم ڪ?? جنهن سان بيماري جي پکڙجڻ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، موجوده بحران جو وا??د حل سماجي فاصلي کي برقرار رکڻ آهي ۽ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسلام طرفان فراهم ڪيل رهنما اصول?? تي عمل ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف مڪتب فڪر جي عالم سڳورن ۽ گورنرز سان وڊيو ڪانفرنس ۾ ڪيو.