اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وا??رس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 583 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 9 مريض اسپتالن ۾ ان وا??رس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 168 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 94، پنجاب ۾ 10 هزار 712، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 797، اسلام آباد ۾ 5 هزار 398 ، بلوچستان ۾ هڪ هزار 274 ، گلگت بلتستان ۾ 444، آزاد ڪشمير ۾ 449 ٽيسٽ ??امل آهن. هن وقت ت??ئين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 2 هزار 375 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز ??ي ڪووڊ 19 جا 76 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 8 هزار 15 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وا??رس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 16 هزار 934 آهي.