اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ غير ضروري قاعدن جو خاتمو، ٽيڪس ??ي نظام ۾ بهتري ۽ ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ جي مشهور صنعتڪارن ۽ ڪراچي جي ڪاروباري تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ۾ ميان انجم نثار، شارڪ وهرا، سليم الزمان، فيصل معيض، محمد علي، عبدالحادي، نويد شڪور، انجنيئر نثار، اجمل افضل ۽ زبير باويجه شامل هئا. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ??مر??ن اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد ??مر?? وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪ??ر ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صلاحڪ??ر ڊاڪٽر عش??ت حسين، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ، ايف بي آر جو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر به موج??د هئا. وفد جي ميمبرن ڪراچي پيڪيج، ملڪ ۾ صنعتي عمل خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کي ساراهيو، وفد ڪاروباري برادري کي درپيش مشڪلاتن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو.