واشنگٽن-24 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته اسان دهشتگردي خلاف پاڪستان سان گڏ آهيون، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري ناتا ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهم آهن. سعودي عرب جي ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان نيڊ پرائيس چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري ناتن کي وڌيڪ اونهو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط واپاري ناتا ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهم آهن ڇاڪاڻ ته پاڪستان تباهه ڪن ٻوڏ جي اثرن مان ٻاهر نڪري رهيو آهي، پاڪستان آمريڪا جي واپاري ادارن کي نئين منڊين تائين رسائي لاءِ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان سان اسان جي سيڙپڪاري ۾ هڪ سال ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان اهو به سمجهون ٿا ته پاڪستان سان ٻه طرفي واپار کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ جي گنجائش موجود آهي جنهن ۾ توانائي، زرعي اوزار، فرنچائيزنگ، ريٽيل واپار ۽ اطلاعات ۽ رابطاڪاري جي ٽيڪنالاجي لاءِ استعمال ٿيندڙ اوزار خاص طور تي شامل آهن.