رپورٽ: ياسر عرفات
موجوده حڪومت ملڪ ۾ بي گهر غريب ماڻهن ۽ وچولي طبقي لاءِ 50 لک گهرن جي ??عمير جي ??اندار منصوبي جي ??روعات ڪئي آهي جنهن کي عوام ۾ زبردستي پٺڀرائي حاصل ٿي رهي آهي، ڪورونا وبا باوجود تعميراتي شعبي سان لاڳاپيل صنعتن کي مراعتن جي فراهمي ۽ انهن صنعتن سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ روزگار جي موقعن مان اڏاوتن ۽ ريئل اسٽيٽ جي ??عبن ۾ نمايان سرگرمي پيدا ٿي آهي.
حڪومت تعميراتي شعبي جي ??هميت کي نظر ۾ رکندي ان صنعت جي ??هولت لاءِ گهربل قانونسازي سميت ڪيترائي ٺوس قدم کنيا، ٽيڪس جو مراعتي نظام متعارف ڪرايو، جڏهن ته فڪسڊ ٽيڪس نظام ۾ 31 ڊسمبر 2021ع تائين واڌ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
اهڙيءَ ريت زمين جي قانون جي ??دم دستيابي هائوسنگ شعبي جي ??رقيءَ ۾ وڏي رڪاوٽ هئي پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اهو مسئلو هاڻي حل ٿي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪن لاءِ لازم قرار ڏنو آهي ته اهي پنهنجي لاڳاپيل ڊوميسٽڪ پرائيويٽ سيڪٽر ڪريڊٽ جو 5 سيڪڙو حصو هائوسنگ ۽ تعميراتي صنعت کي فراهم ڪندا ۽ ان قدم سان گڏ بئنڪن جي ??عميراتي فنانس لاءِ رقم 31 ڊسمبر 2021ع تائين 378 ارب رپين جي ويجهو پهچي ويندي، 5 مرله جي هائوسنگ يونٽ تي ??هر??ن 5 سالن لاءِ مارڪ اپ 5 سيڪڙو، ايندڙ 5 سالن لاءِ 7 سيڪڙو، 10 مرله واري هائوسنگ يونٽ تي ??هر??ن 5 سالن لاءِ مارڪ اپ 7 سيڪڙو ۽ ايندڙ 5 سالن لاءِ 9 سيڪڙو آهي، جڏهن ته قرض 20 سالن تائين جي مُدي لاءِ حاصل ڪري سگهجن ٿا.
لو ڪاسٽ هائوسنگ منصوبن لاءِ نيا پاڪستان ڊولپمينٽ هائوسنگ اٿارٽي طرفان في گهر 3 لک رپيا (??هر??ان هڪ لک هائوسنگ يونٽس) جي ڪاسٽ سبسڊي ڏني ويندي. بلڊرز اينڊ ڊولپرز کي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ نجي ??عبي طرفان لو ڪاسٽ هائوسنگ جي ??والي سان حڪومت اضافي قدم کڻي رهي آهي جنهن ۾ نيا پاڪستان ڊولپمينٽ اٿارٽي پراجيڪٽ شروع ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي لو ڪاسٽ سبسڊي ۽ مارگيج سهولت فراهم ڪندي. نيا پاڪستان ڊولپمينٽ هائوسنگ اٿارٽي جي ??نگن اکرن مطابق رڳو پنجاب ۾ 162.88 ارب رپين جي ماليت جي ??عميراتي منصوبن جي ??روعات ٿي چڪي آهي ۽ 136.42 ارب رپين جا منصوبا منظوريءَ جي مرحلن ۾ آهن، ان سان 495.15 ارب رپين جون اقتصادي سرگرميون پيدا ٿينديون ۽ تقريبن 2 لک 50 هزار ماڻهن کي روزگار جا موقعا ميسر ايندا. ڪي پي ڪي ۾ 28.49 ارب رپين جي ماليت جي ??عميراتي منصوبن جي ??روعات ٿي جنهن سان 42.431 ارب رپين جي ماليت جون اقتصادي سرگرميون ۽ 27 هزار روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. هلندڙ مالي سال جي ??هر??ن 5 مهينن دوران سيمنٽ جي ڪل فراهميءَ ۾ 16.61 ??يڪڙو اضافو ٿيو.
وبا جي ٻي لهر جي ڪري حڪومت بلڊرز ۽ ڊولپرز جي ??هولت لاءِ پڻ هر ممڪن قدم کنيا آهن، هاڻي بلڊرز ۽ ڊولپرز دستياب مراعتن ۽ وڏي پيماني تي تعميراتي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، عوام کي سستن قرضن جي فراهميءَ لاءِ مختلف قدمن تحت اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان بئنڪن کي خاص هدايتون جاري ڪيون ويون جڏهن ته بئنڪن عوام کي سستن گهرن جي فراهمي جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ عوام کي قرضن جا تفصيل ۽ حاصل ڪرڻ جي ??ريقيڪار کان آگاهه ڪيو ۽ قرضن جي فراهمي کي ممڪن بڻايو، ان کان ??هر??ن بلڊرز ۽ ڊولپرز لاءِ منظوري حاصل ڪرڻ مشڪل هئي پر هاڻي حڪومت هائوسنگ ۽ تعميراتي شعبي جي ??هولت لاءِ منظوريءَ جي ??ريقيڪار کي پڻ آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان حڪومت طرفان ”ميرا پاڪستان ميرا گهر“ لاءِ هائوسنگ فنانس مارڪ اپ سبسڊي اسڪيم تحت قرض حاصل ڪندڙ ماڻهن جي ??هولت کي نظر ۾ رکندي قرض حاصل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي شڪايتن جي ??اخلا لاءِ سروس ڊيسڪ پورٽل ۽ هيلپ ڊيسڪ جي قيام کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. گهرن جي ??ستن قرضن جي فراهميءَ لاءِ پاڪستان حڪومت طرفان فراهم ڪيل قرضن تي مارڪ اپ سبسڊي جي ??والي سان شڪايتون سروس ڊيسڪ پورٽل ذريعي درج ڪرائي سگهجن ٿيون جيتوڻيڪ قرض جي فراهميءَ ۾ ڪنهن مشڪل جي ??ورت ۾ صارفين لاڳاپيل بئنڪ ۾ به شڪايت درج ڪرائي سگهن ٿا، ان کان علاوه اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 15 شهرن ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ??فيسن ۾ هيلپ ڊيسڪ به قائم ڪيون ويون آهن جتي درخواستگذارن جي ??ڪايتن کي حل ڪرڻ لاءِ ايس بي پي جا آفيسر ۽ بئنڪن جا فوڪل پرسنز موجود هوندا. صارفين کي چيو ويو آهي ته هو پنهنجي ??ڪايتن جي ??اخلا لاءِ بئنڪ جا تفصيل فراهم ڪن جنهن جي ??لاف شڪايتون درج ڪرائڻ جو ارادو هجي. اسٽيٽ بئنڪ جي ??ن لائن پورٽل servicedesk.sbp.org.pk تي ??هر??ون ڀيرو سائن اپ ڪرڻو پوندو. پورٽل تي موبائل فون ذريعي لاگن ڪري سگهجي ٿو، بئنڪ جي ??اخ ۽ شهر جو نالو چونڊي لاڳاپيل آفيسر جو نالو جيڪڏهن معلوم هجي ??ه درج ڪري سگهجي ٿو، ان کان علاوه صارفين ان پورٽل ذريعي دستاويزي ثبوت به اُماڻي سگهن ٿا.
ايسوسيئيشن آف بلڊرز ۽ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي پيٽرن ان چيف محسن شيخاني مطابق حڪومت طرفان هائوسنگ جي ??عبي کي مراعتن جي ??ڇ مان بلڊرز فائدو وٺي رهيا آهن، ان پيڪيج سان 50 لک گهرن جي ??عمير جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. مراعتي پيڪيج جي ??جيان ڪندي هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت هائوسنگ جي ??عبي کي ملڪ جي 70 ساله تاريخ ۾ ??هر??ون ڀيرو هڪ صنعت جو درجو ڏنو آهي، پيڪيج تعميراتي صنعت لاءِ انتهائي لاڀائتو آهي، ان پيڪيج سان ڪنسٽرڪشن انڊسٽري سان لاڳاپيل 72 صنعتن کي فائدو ملندو. جنهن جا اثر عام عوام تي پوندا. ٽيڪسيشن ۽ ڊاڪيومينٽيشن جو خوف ختم ٿيندو ۽ سيڙپڪاري وڌندي. هن چيو ته ڪورونا وبا سان سڄي دنيا ۾ اقتصادي ترقيءَ ۾ سستي ڏسڻ ۾ آئي پر وزيراعظم طرفان تعميراتي شعبي ۾ مراعتن سان ان وبا باوجود ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين کي هٿي ملي، ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا، هن وقت ملڪ ۾ تعميراتي سرگرميون تيزيءَ سان جاري آهن. تعميراتي صنعت اسان جي معيشت ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي جنهن جي ??رقيءَ سان هائوسنگ يونٽن جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.
پاڪستان مورگيج ري فنانس ڪمپني (پي ايم آر سي) جي ??يم ڊي ۽ سي اي او مدثر خان چيو ته پي ايم آر سي عالمي بئنڪ ۽ حڪومت جي ??هڪار سان ري فنانسنگ جي ??هولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان 11 شراڪتدار بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کي انهن جي ??وايتي ۽ جدت وارين اسلامي ري فنانسنگ پراڊڪٽ ۾ 15 ارب رپيا فراهم ڪري ڊگهي مُدي واري سستي هائوسنگ فنانس کي هڪ حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. پي ايم آر سي گهٽ لاڳت جي گهرن لاءِ قرض ڏيڻ وارين بئنڪن کي همٿائڻ لاءِ حڪومت جي ٽرسٽي طور رسڪ شيئرنگ جي ??هولت به متعارف ڪرائي آهي. پاڪستان مورگيج ري فنانسنگ ڪمپني لميٽيڊ جي ??ينيئر فنانشل سيڪٽر اسپيشلسٽ ناموس ظهير پاڪستان هائوسنگ فنانس منصوبي کي واکاڻيندي چيو ته ان رٿا جا ڏور رس اثر پوندا، عالمي بئنڪ پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان مارگيج ري فنانس ڪمپنيءَ سان گڏجي پاڪستان ۾ مورگيج فنانس انڊسٽريءَ جي ??رقيءَ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي 207 ملين آبادي آهي ۽ اهو دنيا ۾ تيزيءَ سان اڳتي وڌندڙ ملڪن ۾ شامل آهي پر بدقسمتيءَ سان پاڪستان ۾ گهرن جي کوٽ آهي، ان منصوبي ذريعي اسان جي ڪوشش آهي ته پرائمري مارگيج مارڪيٽ ذريعي ماڻهن کي گهرن جي ملڪيت جا حق فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هٿ ونڊايو وڃي. وفاقي حڪومت جي ??ن منصوبي کان ??هر??ن هڪ مخصوص طبقو بئنڪن مان گهرن کان حاصل ڪري سگهيو ٿي پر ان منصوبي ذريعي هاڻي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي به گهرن لاءِ سستن قرضن جي فراهمي جون ڪوششون ڪامياب بڻايون پيون وڃن. هن چيو ته ان منصوبي ۾ عورتن کي به گهرن جا مالڪاڻا حق فراهم ڪرڻ وارو عمل تيز ڪيو ويندو. هن وقت پاڪستان ۾ ڪل آباديءَ جو رڳو 2 سيڪڙو عورتن وٽ گهرن جا مالڪاڻا حق آهن، ان منصوبي ۾ عورتن جي ??رڪت کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. لو ڪاسٽ هوم فنانس سان ملڪ ۾ تعميراتي سرگرمين کي به هٿي ملندي ۽ روزگار سميت لاڳاپيل صنعتن کي فائدو ٿيندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ رٿابندي ڪميشن ان منصوبي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان کي اميد آهي ته ان منصوبي جا هاڪاري اثر نڪرندا،
تعميراتي سرگرمين جي ??رقيءَ لاءِ حڪومت ڪنسٽرڪشن انڊسٽريءَ لاءِ خاص رليف پيڪيج کي واکاڻيندي آل پاڪستان سيمنٽ مينيوفيڪچرل ايسوسيئيشن جي چيئرمين اعظم فاروق چيو ته نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام سان مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرميون بحال ٿيون آهن، اسٽيل جي ??نعت به فائدو کڻي رهي آهي. پاڪستان آئرن اينڊ اسٽيل مرچٽلا ايسوسيئيشن جي چيئرمين طارق ارشاد چيو ته تعميراتي صنعت ڪنهن به معيشت لاءِ مرڪزي حيثيت رکي ٿي جنهن سان روزگار جا وسيع موقعا پيدا ٿين ٿا.
واضح رهي ته وزيراعظم عمران خان هائوسنگ منصوبن جو هفتيوار بنيادن تي جائزو وٺڻ کان علاوه هائوسنگ اسڪيمن جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. تازو ئي وزيراعظم جي ??دارت ۾ راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبي، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي، والٽن ايئرپورٽ جي منتقلي ۽ پنجاب جي ننڍن شهرن ۾ عوام کي سستين رعايتن جي فراهمي واري منصوبي بابت پيش رفت جو جائزه اجلاس ٿيو. راوي سٽي جي منصوبي ۾ ڪنسلٽنٽ سان ڳالهيون ۽ ڊزائين جي ??والي سان معاملا آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن.
پنجاب جي ننڍن شهرن جي پسگردائي ۾ وزيراعظم جي ويزن تحت گهٽ آمدني واري طبقي کي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي ??عمير جي ??جويز ڪيل منصوبن تي پڻ ڪم جاري آهي. گهٽ لاڳت جي ٽن کان پنج مرله گهرن جا اهي منصوبا شروع ۾ صوبي جي 25 کان 27 ضلعن جي پسگردائي ۾ شروع ڪيا ويندا ۽ بعد ۾ انهن جو دائرو 87 مختلف هنڌن تائين آهستي آهستي وڌايو ويندو. پنجاب حڪومت زمين فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ابتدائي مرحلي ۾ سرمايو فراهم ڪندي ۽ اڳئين مرحلي ۾ مارگيج فنانسنگ تحت سبسڊي فراهم ڪئي ويندي.
پري فيبريڪيٽڊ گهرن جي ??والي سان مختلف بين الاقوامي ڪمپنين پڻ وزيراعظم عمران خان جي 50 لک گهرن جي ??عمير واري ويزن ۾ گهري دلچسپي ڏيکاري آهي.
چيني ڪمپني هنان ڊي آر ڪنسٽرڪشن گروپ انڊسٽريل اسٽيٽ فيصل آباد ۾ پنهنجو ??هر??ون پري فيبريڪيٽڊ گهر تعمير ڪري ورتو آهي. گذريل سال 18 سيپٽمبر تي وزيراعظم عمران خان ”ايزي فيبريڪيٽڊ هومز پرائيويٽ لميٽڊ منصوبي“ جي پيڙهه جو پٿر رکيو هو. وزيراعظم عمران خان گذريل سال بيجنگ جي ??وري دوران هنان ڊي آر ڪنسٽرڪشن گروپ جي ??عليٰ اختيارين سان ملاقاتن دوران پاڪستان ۾ گهرن جي ??لب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پري فيبريڪيٽڊ گهرن جي ??ياري جي لاءِ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ٽيڪنالوجي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان سلسلي ۾ چين جي ڪمپني هنان ڊي آر ڪنسٽرڪشن گروپ خاص اقتصادي زون فيصل آباد ۾ پري فيبريڪيٽڊ هومز جو پلان قائم ڪيو جنهن بعد ڪمپني ايزي فيبريڪيٽڊ هومز پرائيويٽ لميٽڊ منصوبي کي عملي شڪل ڏني ۽ نئين سال جي ??روعات سان ئي پنهنجو ??هر??ون پري فيبريڪيٽڊ گهر مڪمل ڪيو آهي.
ڪوريا جي ڪمپني جي – سونگو طرفان پڻ پاڪستان ۾ ??هر??ون فيبريڪيٽڊ هائوس پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ تعمير ڪيو ويو. ڪمپني گذريل سال پاڪستان ۾ پنهنجي ??پريشنز جي ??روعات ڪئي ۽ 9 نومبر 2020ع تي نيا پاڪستان هائوسنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽينينٽ جنرل (ر) انور حيدر ڪمپني جي ??هر??ن فيبريڪيٽڊ گهر جو افتتاح ڪيو. ڪمپني طرفان فراهم ڪيل تفصيلن موجب ڪمپني ٻن بيڊ رومز تي مشتمل اهو گهر 7 ڏينهن ۾ تيار ڪيو. ٻين خاصيتن سان گڏوگڏ ان گهر جي لائيف پنجاهه سال آهي. ان گهر جي ??ياري ۾ استعمال ٿيندڙ مٽياريل ٻاهران گهرايل آهي. جڏهن ته اهو مٽيريل ملڪ اندر پڻ تيار ڪري سگهجي ٿو. ان گهر جي ??ياري ۾ انسوليشن والز استعمال ڪيون ويون آهن. جيڪي روايتي گهر جي مقابلي ۾ 43 ڀيرا وڌيڪ بهتر آهن. جڏهن ته اهو گهر باهه ۽ زلزلي جي ??طرن کان به محفوظ آهي. جي ??ونگو ڪمپني جي نمائندي موجب جي ??ونگو چار ماڙ گهر ۽ اپارٽمينٽ تعمير ڪري سگهي ٿي. جديد ٽيڪنالوجي ??ي منتقلي سان نه رڳو غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي بلڪه ٽيڪنالوجي ??ان لاڳاپيل تعميراتي ۽ واسطيدار شعبن ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ڪمپني ساليانو 18 هزار گهر ۽ اپارٽمينٽس تعمير ڪرڻ جي ??لاحيت رکي ٿي.
حڪومت جي قدمن کي اڳتي وڌائيندي هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت پڻ 109 ارب روپين جي لاڳت سان نون اپارٽمينٽس جي ??ڏاوت ۽ رڪيل اسڪيمن کي ٻيهر شروع ڪندي ملڪ ۾ گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي ??هولت لاءِ مختلف قدم کنيا آهن. هائوسنگ وزارت ٽن کان پنج مرله وارن گهٽ لاڳت وارن هائوسنگ يونٽس جي ??عمير لاءِ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي وياج کان پاڪ پنج ارب روپين جي ماليت جي مختلف اسڪيمن جي ??روعات ڪئي.
هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت جي هڪ اهلڪار ”اي پي پي“ کي ٻڌايو ته 5137 هائوسنگ يونٽس پڄاڻي جي مختلف مرحلن ۾ آهن. وزارت ڪجهه رڪيل منصوبن کي بحال ڪيو آهي. جن ۾ ڪري روڊ اسلام آباد، وفاقي ڪالوني لاهور، جي -10 ٽو اسلام آباد، آءِ 16- ٿري اسلام آباد ۽ آءِ 12- ون اسلام آباد شامل آهن. ڊگهي عرصي کان تعطل جو شڪار انهن منصوبن تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي (پي ايڇ اي) طرفان انهن کي مڪمل ڪيو ويو آهي جڏهن ته آءِ 16- ٿري ۽ آءِ 12- ون جي منصوبن تي ڪم جاري آهي.
بلوچستان ۾ کنيل قدمن بابت هن چيو ته ڪچلاڪ روڊ ڪوئيٽه جو منصوبو 1350 هائوسنگ يونٽس تي مشتمل آهي ان رٿا لاءِ صوبائي حڪومت طرفان زمين فراهم ڪئي وئي. ميمبرسپ ڊرائيو ذريعي 7700 کان وڌيڪ درخواستون مليون ۽ خودڪار طريقي سان ڪامياب قرعه اندازي ڪئي وئي. ڪي پي ۾ پي ايڇ اي ريزيڊينشيا سروزئي پراجيڪٽ پشاور جي لاءِ 8500 ڪنال زمين ڪي پي حڪومت طرفان فراهم ڪئي وئي. ۽ ??هر??ن مرحلي ۾ پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن 10 هزار هائوسنگ يونٽس تعمير ڪندي. منصوبن بابت اسٽيڪ هولڊرز ۽ الاٽيز کي معلومات کنا آگاهه رکڻ جي لاءِ هائوسنگ ۽ ورڪس واري وزارت جي ويب سائيٽ تي تمام منصوبن ۽ اسڪيمن جي ??والي سان هر قسم جي معلومات دستياب آهي. پي ايڇ اي ۽ فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي جا پنهنجي فيس بڪ ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽ آهن، جن تي منصوبن ۽ قدمن جي ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. ان کان علاوه اخبارن، سيمينارز ۽ ميڊيا ذريعي تشهير پڻ ڪئي وڃي ٿي.
تعميراتي شعبي کي صحيح رخ تي گامزن ڪرڻ ۽ معيشيت جي ??حالي لاءِ حڪومت طرفان مراعاتي پيڪيج جي ??روقت قدم سان نه رڳو تعميراتي شعبي ۾ تيز رفتار ترقي يقيني ٿيندي بلڪه روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. معاشي ۽ تعميراتي ماهرن موجب تعميراتي شعبي ۾ جيڪڏهن ان رفتار سان ڪم جاري رهيو ته 50 لک گهرن جي ??عمير جو هدف آساني سان حاصل ٿيڻ جا وڏي اميد آهي.