اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته عوام کي رعايتي اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي موجوده حڪومت جي ترجيح آهي?? سستي اگهن تي بينادي کاڌي پيتي جي شين جي هڪجهڙي ورڇ سان منافع خور مافيا کان عوام کي محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ميني??نگ ڊائريڪٽر سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. اسپيڪر اسد قيصر يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي هدايت ڪئي ته هو ضرورتمند ماڻهن کي رعايتي اگهن تي ضروري شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ مناسب طريقي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ منافع خور ۽ ذخيره اندوز مافيا جي ڪري رعايتي اگهن تي ملندڙ شين کي کوٽ پيدا نه ٿيڻ ڏين، هن ضلعي سطح تي انتظاميه کي رمض??ن المبارڪ دور??ن اگهن ۾ ناجائز اضافي جي روڪ ٿام کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، يوٽيليٽي اسٽورز جي ميني??نگ ڊائريڪٽر پار??ن اسپيڪر کي رمضان جي مهيني ۾ کاڌي پيتي جي شين جي گهرج ۽ پهچ بابت بريفنگ ڏني.