اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ آگاهي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شا??ردن جي ضرورتن جي پيش نظر اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي انفراسٽرڪچر کي معذور دوست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يونيورسٽين ??ي وا??يس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت وا??ي وفاقي وزير شفقت محمود، منشيات جي روڪٿام وا??ي سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر حسين ??راني، انساني حقن وا??ي وزارت جي سيڪريٽري انعام الله خان، اين ??ي ايف جي عملدارن ۽ 165 يونيورسٽين ??ي وا??يس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يونيورسٽين ۾ منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شا??ردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني، هن چيو ته ان م??ام??ي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن يونيورسٽين ۾ منشيات جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي استعمال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي وا??يس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي استعمال جي خلاف مهم جي لاءِ آگاهي مواد تيار ڪندي. هن شا??ردن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ جي لاءِ والدين ??ان ويجها رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.