اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي امتحان مان نڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ منظم قوم هجڻ جو ثبوت ڏيڻو پوندو، عالم سڳورا ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ سماجي فاصلو اختيار ڪرڻ سميت ڪورونا وائر?? کا?? بچاءُ جي لاءِ سمورن ح??اظ??ي تدبيرن تي عملدرآمد جي تلقين ڪن. هن اهڙن خيالن جو اظهار علامه ساجد نقوي ۽ مولانا حنيف جالنڌري س??ن ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي علامه ساجد نقوي سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان المبارڪ ۽ مجلسن ۾ ڪورونا خاتمي جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وڃي، مجلسن ۾ شرڪت ڪندڙ ماسڪ پائين ۽ محفوظ فاصلو اختيار ڪن، بزرگ ماڻهو عبادتون گهرن ۾ سرانجام ڏين. علامه ساجد نقوي صدر کي ڪورونا کا?? بچاءُ جي لاءِ ايس او پيز جي پابندي جي خاطري ڪرائي.