اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجود حڪومت جي اولين تر??يح آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اٽارني جنرل وزير??عظ?? کي مختلف عدالتي معاملن، انصاف جي نظام جي حوالي س??ن جاري سڌارن ۽ ”واٽر ڪميش?? رپورٽ“ تي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? عمران خان واٽر ڪميش?? رپورٽ جي حوالي س??ن جسٽس شاهد ڪريم جي ڪوششن کي سار??هي??. وزير??عظ?? چيو ته پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم معاملو آهي، ان اهم قومي معاملي ۾ جسٽس شاهد ڪريم جي خصوصي دلچسپي ۽ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. وزير??عظ?? جسٽس (ر) علي اڪبر قريشي جي سربراهي ۾ واٽر ڪميش?? رپورٽ جوڙيندڙ ٽيم جي ڪوششن کي به سار??هي??. مختلف عدالتي مامرن ۽ جاري سڌارن تي ڳالهائيندي وزير??عظ?? چيو ته عام ماڻهو تائين آسان ۽ فوري انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين تر??يح آهي. وزير??عظ?? چيو ته عدالتي ۽ انصاف جي نظام جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ عدالتي نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي حوالي سان حڪومت عدليه کي هر ممڪن تعاون ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.