اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ تر??يلا پنج توسيع منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ لاءِ تر??يلا پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تر??يلا 5 توسيع منصوبو 807 ملين ڊالر جي لاڳت سان تعمير ڪيو پيو وڃي. ورلڊ بئنڪ ۽ ايشين انفرااسٽرڪچر انويسٽم??نٽ بئنڪ منصوبي جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪري رهيو آهن، منصوبو صرف ٽن سالن جي ننڍي مدي ۾ 2024ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، منصوبي جو بنيادي مقصد مستقبل ۾ تر??يلا ڊيم کي مٽي ڀرجڻ جي خطرن کان محفوظ بڻائي، پراجيڪٽ جي ڪري تر??يلا ڊيم مان زرعي مقصدن لاءِ پائيدار بنياد تي پاڻي جي دستيابي جاري رهندي. تر??يلا 5 توسيع منصوبي سان 1530 ميگاواٽ ماحول دوست ۽ سستي پن بجلي به حاصل ٿيندي. منصوبو هر سال نيشنل گرڊ کي هڪ ??رب 34 ڪروڙ يونٽ سستي بجلي مهيا ڪندو. تر??يلا پنج توسيع منصوبي جي تعمير جي ڪري ملازمتن جا 3 هزار موقعا پيدا ٿيندا، منصوبي جي ڪري تر??يلا کان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6418 ميگاواٽ ٿي ويندي، تر??يلا پنج توسيع منصوبو پاڪستان جي پاڻي، خوراڪ ۽ توانائي جي اهم ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.