اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سا??هون آڻ?? جي وسيج صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ خاص طور تي اسڪول ڪرڪيٽ بابت پريزنٽيشن ڏني وئي. پريزنٽي??ن سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالله خان سمبال تيار ڪئي هئي. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ ب??رڊ تحت هلندڙ تنظيم سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (سي پي سي اي) جي ماڊل کي ساراهيو. وزيراعظم اسڪول ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص طور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏني ۽ سي پي سي اي کي ان ماڊل جي ريپليڪا کي سڄي ملڪ ۾ مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ جي راءِ ڏني. وزيراعظم 15 سيپٽمبر کان وچ پنجاب ۾ اسڪول ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ شروع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته اسڪول ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سا??هون آڻ?? جي وسيع صلاحيت رکندڙ آهي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ان موقعي تي ٻڌايو ته ان اهم قدم ۾ پنجاب حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان ڪرڪيٽ ب??رڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان ۽ سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او خرم نيازي ش??ڪت ڪئي.