اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي پاڪ فضائيه جو سي – 130 ج??از افغانستان جي عوام لاءِ امداد?? سامان جي پهرين کيپ کڻي ڪابل پهچي ويو. اهو ج??از حامد ڪرزئي عالمي هوائي اڏي تي لٿو. افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير منصور احمد خان ۽ پبلڪ هيلٿ جي سينيئر آفيشل حاجي عمر امداد?? سامان لاڳاپيل افغان عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ اٽڪل 10 ٽن اٽو، ڏيڍ ٽن گيهه ۽ وڏي مقدار ۾ دوائون شامل آهن. هتي ملندڙ تفصيل موجب ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان جي سفير منصور احمد خان چيو ته پاڪستان پاران افغانستان جي لاءِ هنگامي امداد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. هي پهرين اڏام آهي جڏهن ته بي اڏام اڄ جمعي ڏينهن قنڌار ايندي جڏهن ته امداد?? سامان جو هڪ وڏو خوست موڪليو ويندو ۽ اهو سلسلو هاڻي جاري رهندو. هن چيو ته پاڪستان جي سرڪاري ۽ نجي شعب?? سان گڏوگڏ خيراتي ادارن پاران خصوصي اڏامون ۽ طورخم چمن جي زميني رستن ذريعي پن امداد?? سامان افغانستان آندو ويندو. هن چيو ته گذريل هڪومت جي وڃڻ کانپوءِ افغانستان ۾ يقيني طور تي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغانستان ۾ هن وقت افغان عو??م جي فوري ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گهربل انتظامي ڍانچي جي حوال?? سان عبوري سياسي سيٽ اپ قائم ڪيو ويو آهي. اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو عبوري ڍانچو افغان عو??م جي انساني، ترقياتي ۽ ٻين گورننس جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪن??و. جيستائين مستقبل جي فريم ورڪ جو تعلق آهي طالبان چيو آهي ته اهي مستقل سيت اپ قائم ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته اهو بعد جو مرحلو آهي، هن وقت افغانستان ۾ انساني ۽ ترقياتي ضرورتون وڌيڪ اهم آهن. اسان عالمي برادري ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن سان رابطي ۾ آهيون. پاڪستان افغانستان جي حوال?? سان تعميري پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ان جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي سخت?? سان عمل پيرا آهي. پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪ??م جي لاءِ ڪئي ويندڙ عالمي ڪوششن جو حصو رهيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان افغانستان سان معاشي ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ سرگرم آهي. هن چيو ته افغان عوام پاڪستان پاران انساني همدردي جي بنياد تي معاونت ۽ ترقياتي ڪم تي ان جي ڪردار ک?? ساراهي ٿي.