اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته ڇ??تي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ ئي ملڪ ۾ ان موذي مرض جو شڪار ٿيندڙ 40 هزار عورتن جون ??ند??يون بچائڻ جو واحد رستو آهي، ان سلسلي ۾ ڀرپور آگاهي مهمن جي ذريعي ڇ??تي جي ڪينسر جي باري ۾ خدشن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي عورتن کي فوري طبي مدد وٺڻ بابت هٻڪ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
صدر پنهنجي زال ثيمنه علوي سان گڏ هتي ايوان صدر ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڇ??تي جي ڪينسر جي باري ۾ عوام کي حساس بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ ۾ احتياط ۽ پرهيز ڇ??تي جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي مهانگي طبي علاج کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي، هن چيو ته معاشري جي ذميداري ??هي ته هو عورتن کي تعليم، صحت ۽ هراسيت کان بچاءُ سميت سم??ري?? سهولتن تائين پهچ ڏي. صدر صحافين تي زور ڏنو ته هو ڇ??تي جي ڪينسر جي خلاف جنگ ۾ ان موضوع کي نمايان ڪري ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ آگاهه ڪري سگهجي،
ان موقعي تي بيگم ثمينه علوي چيو ته ڇ??تي جي ڪينسر جي باري ۾ سندس آگاهي مهم جي پيش نظر ميڊيا پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۽ اخبارن ۾ ان موضوع کي موثر طريقي سان اجاگر ڪري رهيو آهي، هن چيو ته هو هن مهيني ۾ مختلف شهرن جي ڪاليجن جو دورو ڪندي ته جيئن ڇوڪرين ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي حوالي سان شعور بيدار ڪري سگ??جي. هن خاندانن جي مردن تي به زور ڏنو ته هو ان بيماري سان جڙيل مصيبتن جو ازالو ڪن ۽ مناسب طبي سارسنڀال لاءِ عورتن جي مدد ڪن. وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته ڇ??تي جي ڪينسر جي سنگيني جي پيش نظر لاڳاپيل صحت جي ادارن جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.