ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، ب??وچ??تان ۾ عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي حوالي سان مشڪلاتن جو ازالو ڪيو پي?? وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي يقيني بڻايو پي?? وڃي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل پهرين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نادرا ب??وچ??تان جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خان، هلال احمر ب??وچ??تان جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي آءِ ب??وچ??تان عورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي آءِ ب??وچ??تان جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ترين ۽ ٻيا پارٽي عهديدار ۽ نادرا عملدار پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصديق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمتن جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.