اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون جي آخري هفتي ۾ معمول کان وڌيڪ برسات جي ا??ڪٿي ت?? فوري قدمن جي هدايت ڪندي لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي صوبن ۽ ضلعي انتظاميا کي الرٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پي ايم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ت?? موسميات کاتي جي ا??ڪٿي کي نظر ۾ رکندي ا??واٽ انتظام ڪيا وڃن. وزيراعظم چيو ته نشيبي ??لائقن ۽ وڌيڪ برساتن جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن ۾ هينئر کان ئي انتظام يقيني بڻايا وڃن. سندس چوڻ هو ته اڳواٽ حفاظتي انتظامن ۽ امدادي ساز و سامان جي دستيابي ??ي لاءِ وقت سر قدم کنيا وڃن. هن وفاق ۽ صوبن جي حصيداري سان ٺوس حڪمت عملي ت??ار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زرعي علائقن ۾ فصلن، چوپائي مال جي حفاظت ۽ نقصانن کان بچڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته خطري جي لپيٽ ۾ ايندڙ علائقن جي رهواسين کي وقت سر خبردار ڪيو وڃي، محفوظ جا??ن تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي، پاڻي جي نيڪالي، نالن ۽ پاڻي گذرگاهن جي صفائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپري جا انتظام ڪيا وڃن.