اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??حمد شهباز شريف ملڪ ?? خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۽ ٻوڏ جي صورتحال تي اڄ سومر تي اجلاس گهرائي ورتو آهي. وزير اعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير اعظم ??ائوس ۾ اجلاس ۾ اعلي عملدارن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي بابت قدمن جو جائزو وٺندو. اجلاس ۾ وزير اعظم کي ٻوڏ متا??رن کي روڪ رقم ۽ پيسن جي ادائيگي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم جي گذريل ڏينهن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. وزيراعظم آرمي چيف سان سنڌ صوبي ۾ امدادي ڪاررواين بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. وزيراعظم سنڌ صوبي ۾ رابطن روڊن ۽ پلين جي تباهي سبب هيل??ڪا??ٽر جي فراهمي جي هدايت ڪئي هئي. وزيراعظم ??ي اڄ جي اجلاس ۾ هيل??ڪا??ٽر ذريعي امدادي ڪاررواين بابت آگاهه ڪيو ويندو. ٻوڏ سبب سنڌ صوبي ۽ بلوچستان ۾ زميني رابطو ڪٽجڻ جي ڪري ريسڪيو ۽ ريليف جي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش آهن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 25 هزار جي فوري روڪ رقم جي فراهمي جي عمل جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم سنڌ صوبي جي ٻوڏ متاثرين ۾ فوري روڪ رقم ورهائڻ جو گذريل ڏينهن حڪم ڏنو هو.