دوحه – 23 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان قطر سان روايتي ويجهي سياسي لاڳاپ?? کي جامع اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آ??ي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي رابط?? کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، قطر جا سيڙپڪار پاڪستان جي آزاداني ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻندي زراعت، لائيو اسٽاڪ، سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر منصور بن ابراهيم الحمود ۽ آفريقا ۽ ايشيا پي??فڪ ريجنز بابت چيف انويسٽمينٽ آفيسر شيخ فيصل ثاني الثاني تي ٻڌل قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي دنيا جي سڀ کان وڏي خودمختيار ويلٿ فنڊز مان هڪ آهي. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوحه پهچڻ کان فوري پوءِ وزيراعظم جي اها پهرين مصروفيت هئي. ڪابينا جا اهم ميمبر ۽ سينيئر عملدار وزيراعظم سان گڏ هئا. قطر جي امير جي دورانديش قيادت ۾ قطر جي تيز رفتار اقتصادي ترقي کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپ?? کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ روايتي سياسي لاڳاپ?? کي هڪ جامع اقصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آ??ي. وزيراعظم شمسي توانائي، هوا مان بجلي پي??ا ڪرڻ، هوابازي، جهاز راني، صنعتي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ مهمان نوازي جي شعبن سميت خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڙپڪاري رابط?? کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان جي منفرد ۽ جاگرافيائي ۽ آبادياتي فائد?? کي اجاگر ڪيو جنهن ۾ هڪ وڏي وچولي طبقي جي مارڪيٽ ۽ هنرمند افرادي قوت سان پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان جي آزاداڻي ۽ ڪاروبار دوست سيڙپڪاري جي پاليسي?? کي اجاگر ڪندي وزيراعظم قطري سيڙپڪار?? کي پاڪستان ۾ توانائي، هوابازي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، ميري ٽائيم، سياحت ۽ مهمان نوازي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن قطري سيڙپڪارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي علائقائي رابطي ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان پي??ا ٿيندڙ موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي کي شفاف ۽ تيزي سان معامل?? کي اڪلائڻ جي حوالي سان مڪمل سهولت فراهم ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. لاڳاپيل وزارتن پاران پاڪستان ۾ فوڊ سيڪيورٽي، توانائي، جهاز راني، هوابازي، مهمان نوازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي موقع?? کي اجاگر ڪيو ويو. وزيراعظم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي دلچسپي کي ساراهيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ??رف??ن نامزد نمائندا سيڙپڪاري جي لاءِ اهم تجويزن تي عملدرآمد جي حوالي سان ويجهي رابطو برقرار رکندا. وزيراعظم منصور بن ابراهيم الحمود ۽ شيخ فيصل ثاني الثاني کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جي وفد پاڪستا?? کي پنهنجي ترجيح قرار ڏيندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.