اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستا?? جي دوري تي آيل ترڪيه جي گهرو وزير سليمان سوئيلو، ترڪيه جي ماحوليات، اربنائيزيشن ۽ موسمياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم، ترڪ ڊيزاسٽر اينڊ ايمرجنسي مئنيجمينٽ جي چيئرمين، ترڪ گهٽ لاڳت هائوسنگ ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ان سان گڏ وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي همدردي ۽ تعزيت جو اظها?? ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان جا دل سان ٿورا مڃيا ۽ ان آفت کي منهن ڏيڻ ۽ هر ممڪن تعاون فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترڪيه جي پاڪستان سان تعاو?? جي عزم کي ساراهيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي خوش آئنده قرار ڏنو ته صدر اردوا?? جي فون ڪال جي فوري پوءِ ترڪيه ٻوڏ سٽيل?? جي لاءِ خيما، کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ هنگامي امدادي ساما?? جي صورت ۾ پاڪستان کي امداد موڪلي. هيستائين 11 ترڪ فوجي جهاز ۽ 2 سامان سان ڀريل ٽرينون پاڪستان روانو ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ دوران ترڪيه پاران پاڪستا?? جي لاءِ مدد جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترڪيه ۽ پاڪستان هڪ جان ۽ دل آهن ۽ انهن سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو. وفد کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو خطرو آهي ڇو ته ٻوڏ سبب لکين ايڪڙ تي فصل تباهه ٿي ويا آهن. وزيراعظم ٻوڏ کان متاثر انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي مرحلي، ماڻه?? جي روزگار جي نقصان، خوراڪ جي کوٽ ۽ سماجي ۽ اقتصادي عدم تحفظ جي ڪري پيدا ٿيندڙ چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ترڪيه جي ڀرپور تعاو?? جي اميد جو اظه??ر ڪيو. ترڪ گهرو وزير سليمان سوئيلو پاڪستان ۾ تازي چوماسي ۽ ٻوڏ دوران قيمتي جاني جي زيان ۽ قيمتي ملڪيت?? جي تباهي تي صدر اردوان سان دلي تعزيت جو اظه??ر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترڪيه ٻوڏ متاثرين کي زميني ۽ فضائي رستن سان امداد فراهم ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جمعي جي نماز دوران ترڪيه ۾ ماڻهو پنهنجي پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينر?? جي لاءِ دعا ڪندا ۽ وڌيڪ تعاون پڻ فراهم ڪندا. ترڪ وزير چيو ته صدر اردوا?? جي هدايتن موجب ترڪيه جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ لاڳاپيل ادارا پاڪستا?? جي ضرورتن موجب وڌيڪ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. گهرو وزير سوئيلو جي قيادت ۾ ترڪيه جو وفد ملڪ ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار طور پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وفد ٻوڏ کان متاثر علائقن جو فضائي پڻ دورو ڪندو.