نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ماحولياتي ??بديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان نيويارڪ ۾ ڪلائميٽ اينڊ ڊيولپمينٽ وزارتي ??جلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ??رطانيا ۽ روانڊا پاران منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ماحولياتي ??حران آڏو فرنٽ لائين ۾ بيٺل آهي، دنيا کي بحث مباحثي مان نڪري فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان گرين هائوس گيسز جي مجموعي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصيدار آهي، ان جي باوجود اسان جنهن سطح جو نقصان برداشت ڪري رهيا آهيون ان جو ڪير ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ رڪارڊ برساتن کانپوءِ تاريخي ٻوڏ غيرمعمولي تباهي مچائي آهي، برساتن ۽ ٻوڏ جي مختلف واقعن ۾ 1500 کان و??يڪ ماڻهو فوت ۽ 12860 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان و??يڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 20 لک کان و??يڪ گهرن کي نقصان ٿيو آهي، هڪ وقت ۾ ٽيڻ تي پاڪستان پاڻي ٻوڏ هيٺ آهي. شيري رحمان چيو ته ٻوڏ واري پاڻي جي نڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويندا، ٻوڏ جي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري ملڪ ۾ صحت جو نئون بحران پيدا ٿي ويو آهي، رڳو سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ قائم هيلٿ ڪئمپسز ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78000 مريض آيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڃا به ڪيترائي فوٽ ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهن، خوفناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ معاشي نقصان جو ڪاٿو 30 ملين ڊالر کان و??يڪ لڳايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اسان ماحولياتي ??بديلين جو سبب نه ٿا بڻجون پر پوءِ به اسان قدرتي ??فتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جون ڍنڍون وِگهري رهيون آهن، اسان کي شديد گرمي جي لهر، سوڪهڙي ۽ ٻوڏ جهڙين آفتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي ڪاربان فوٽ پرنٽ کي تسليم ڪرڻ ۽ اخراج کي محدود ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ماحولياتي ??بديلي جا اثر رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا ڇو ته ماحولياتي ??بديلي جي اثرن ۽ تباهين جي ڪا سرحد نه آهي.