اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف افغان گادي واري شهر ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪش ح??لي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪندي چيو آهي ته ان ظلم ۽ ڏاڍ کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي، دهشتگردي جي بدلجندڙ خطري جي خلاف عال??ي تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ڪابل ۾ تعليمي مرڪز ۾ خودڪش ح??لي ۾ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪيو ۽ سوڳوار خاندانن ۽ افغان عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو ??ظه??ر ڪيو. وزيراعظم چيو ته جيئن ته هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پنهنجي خط??ب ۾ به چيو هو ته دهشتگردي نه رڳو افغانستان ۽ پاڪستان پر دنيا جي لاءِ خطرو آهي. دهشتگردي جي خطري جي خلاف عال??ي تعاون کي مضبوط بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.