اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته عالمي معيشت ??ي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين ??وچ، جرئتمنداڻي ويزن جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده ??حم?? بن سلمان جي دعوت تي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته عالمي معيشت جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته معيشت ??ي درپيش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين ??وچ ۽ جرئتمنداڻو ويزن اختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عالمي ٻاڙائي سان معيشت ??ي خطرن بابت شديد خدشا آهن. وبا ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ ملڪن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا بامقصد ڳالهين ??ي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.