اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي دستياب وسيلا هنگامي بنيادن تي استعمال ۾ آڻڻ جي ه??ايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بي??ن موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ٻوڏ سٽيلن جي بحالي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال وزير??عظ?? کي ٻوڏ سٽيلن جي پائيدار بحالي جي لاءِ گڏيل قومون (يو اين) ۽ ايشيائي ت??قياتي بئنڪ (اي ڊي بي) جهڙن عالمي ت??قياتي حصيدارن جي مدد سان تيار ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيزاسٽر اينڊ اسيسمنٽ (پي ڊي ايم اي) تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ موسمياتي ت??ديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، نيشنل ڪوآرڊينيٽر اي?? ايف آر سي سي ليفٽيننٽ جنرل ظفر اقبال ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري نديم اسلم چوڌري شرڪت ڪئي.