بيجنگ – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف جي دعوت تي ناليواري چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ گڏيل منصوبن خاص طور تي شمسي توان??ئي ۽ انفراسٽرڪچر جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان چين جي پهرين درجي جي ڪمپنين جي نمائندن ملاقاتڪ ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيني ڪمپينن کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توان??ئي جي منصوبي تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. وزيراعظم گوادر هو??ئي اڏي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪرڻ تي زور ڏنو. لاڳاپيل چيني ڪمپني ايندڙ سال جي شروع ۾ گوادر هو??ئي جي تعمير کي مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪر??ئي ڇڏي. وزيراعظم چيني سيڙپڪارن ۽ ڪمپنين جي نمائندن کي خطاب ڪندي چيو ته هو ان ڳالهه کان آگاهه آهي ته ماضي ۾ ڪيتر??ئي مسئلا پيدا ٿيا جنهن تي هو معذرت خواهه آهي. هن ٻڌايو ته 11 اپريل 2022ع تي اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ سندس حڪومت چيني ڪمپينن کي درپيش مسئلا حل ڪيا. چيني ڪمپينن کي واجب الادا 160 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي وئي آهي. 50 ارب رپيا گذريل ڏينهن ادا ڪيا ويا آهن ۽ 50 ارب رپين مان ريوالونگ فنڊ ڏنو ويو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي هدايت تي اسٽيٽ بئنڪ ريوالونگ اڪائونٽ ٺاهي ڇڏيو آهي. ادائيگين سان گڏ ئي وڌيڪ 50 ارب رپيا ان ۾ شامل ٿي ويندا. هن چين مان درآمد ڪيل ڪوئلي جي ادائيگي?? ۾ ??اضي ۾ پيش ايندڙ مسئلن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم يقين ڏياريو ته ديامر ڀا??ا ڊيم منصوبي ۾ زمين هاصل ڪرڻ جي مسئلن کي حل ڪيو ويندو ۽ ان منصوبي جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ اچڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيني شهرين کي نشانو بڻائڻ جي واقعن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته انهن واقع?? ۾ ??لوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي مثالي سزا ملندي. وزيراعظم شهب??ز شريف يقين ڏياريو ته حڪومت چيني سيڙپڪارن جي تحفظ جي لاءِ بهترين قدم کڻندي ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ ٻين منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو ۽ سي پيڪ ۽ سي پيڪ کانسواءِ سمورن منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني رهواسين جي سيڪيورٽي جو هڪ معيار مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان کي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي سلامتي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر عزيز آهي. وزيراعظم مهمند ڊيم بابت پيش ايندر ڪجهه مسئلا حل ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي. هن چيو ته 2 ڪروڙ جي آبادي واري شهر ڪراچي ۾ پاڻي جي فراهمي تمام وڏو مسئلو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان گڏجي ان منصوبي کي اڳتي وڌائيندي. هن چيني ڪمپنين کي آگاهه ڪيو ته حڪومتي شمسي توان??ئي سان 10 هزار ميگاواٽ پيدا ڪرڻ و جامع منصوبو ٺاهيو آهي. وزيراعظم هوا مام بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوب?? ۾ ??ڻ چيني ڪمپنين کي سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻارڻ جي لاڳت گهٽ ڪري تيل ۽ گئس تي خرچ ٿيندڙ وڏي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي بچت ڪري سگهبي. وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي فروغ لاءِ چيني ڪمپنين سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جيل اءِ دلچسپي تي چيني ڪمپنين جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته هو 6 مهين?? ۾ ??ي ڀيرا گوادر بندرگاهه جو دورو ڪري چڪو آهي. هن ايم ايل ون ۽ ٻين منصوبن ۾ دلچسپي ۽ پاڪستا?? ۾ ??وڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلاڻي امداد تي پڻ چيني حڪومت ۽ ڪمپنين جا ٿورا مڃيا.