اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ جلاءُ، گهيراءُ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته باهه لڳائيندڙ ملڪ جا محسن نه ٿا ٿي سگهن، س??ڪا??ي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ ملڪ جا دوست نه ٿا ٿي سگهن، فارن فنڊيڊ فتني جي ذهنيت ملڪ کي ورڇ ڪري ڇڏيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي انتشار، شدت پس??دي ۽ ورڇ تي ٻڌل سياست ملڪ کي ناقابل ت??افي نقصان پهچائي رهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوال ڪيو ته اڃا تائين پنجاب حڪومت لانگ مارچ واقعي جي ايف آءِ آر ڇو ناهي داخل ڪئي؟ هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو س??ڪا??ي اسپتال مان رپورٽ نه لکرائي رهيو آهي جيڪو قانون آهي. هو پنهنجي ميڊيڪو ليگل جي قانوني ضابطن کي پورو نه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو چونڊون نه گهرو ويڙهه چاهي ٿو جنهن جو مظاهرو هر ڏينهن چاهي ٿو. هن چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو پاڪستان جو نالو فيٽف مان نڪرڻ جي خ??اف جنگ ڪري رهيو آهي، فارن فنڊيڊ فتني جي جنگ پاڪستان ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري جي خ??اف آهي. هن چيو ته الحمدالله ملڪ ۾ امن امان آهي، عوام انتشار ۽ فساد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.