اسلام آباد – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ??ئي ۽ کيس ملڪي مجموعي معاشي صورتحال، معيشت ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحا??ي سميت ٻين معاملن کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وزير صدر کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ معاشري جي ڪمزور ترين طبقن کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ ماليات، معيشت ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي بابت مختلف معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي.